بريڪنگ نيوزسنڌ

سانگهڙ سجاڳي فورم جون چونڊون، اقرار شر صدر، امجد عاجز منگي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا

سانگھڙ (ڊ ر) سانگھڙ سجاڳي فورم جون چونڊون، اقرار شر صدر ۽ امجد عاجز منگي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا. سانگھڙ سجاڳي فورم جون سالياني چونڊيون فورم جي سرپرست ۽ اديب عاجز منگيءَ جي نگرانيءَ ۾ هوشو منزل تي ٿي گذريون. جنهن ۾ اقرار شر صدر، آفتاب نظاماڻي نائب صدر، امجد عاجز منگي جنرل سيڪريٽري، زاهد خاصخيلي جوائنٽ سيڪريٽري، اسرار سنڌي خزانچي ۽ آصف ککرائي ميڊيا سيڪريٽري چونڊجي ويا. چونڊ بعد جنرل باديءَ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف فيصلا ڪيا ويا. جن ۾ سانگھڙ جي پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ خلاف جدوجهد ڪرڻ، شاهه لطيف تي ليڪچر پروگرام ڪرائڻ، ميمبرشپ وڌائڻ ۽  آئين تيار ڪرڻ سميت مختلف فيصلا ڪيا ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button