بريڪنگ نيوزسنڌ

فهميدا مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد، اليڪشن لاءِ نااهل قرار

ڪراچي (بيورو ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ وفاقي وزير فهميدا مرزا جا مخصوص سيٽ تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪري کيس نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. صوبائي اليڪشن ڪميشن لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي فهميدا مرزا جا مخصوص سيٽ تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا ۽ کيس اليڪشن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ موقف اختيار ڪيو ته فهميدا مرزا جي ڪمپني باقيدار آهي، فهميدا مرزا ذاتي طور باقيدار ناهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته فهميدا مرزا تي آئين جي آرٽيڪل 63 ون اين لاڳو ٿئي ٿو. واضح رهي ته فهميدا مرزا جي ٻه ملين رُپين جي باقيدار هئڻ جو اعتراض سعديه جاويد طرفان داخل ڪيو ويو هو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button