بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي ٿي گذري

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي گڏجاڻي ٿي،سنگت حيدرآباد ڏکين حالتن ۾ به پنھنجو پاڻ ملھايو آهي.اھڙو اظهار نامياري ڪهاڻيڪار ۽ شاعر سليم چنا سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي دستوري گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ تنقيد لاء نڪور لکڻيون پيش ڪيون ويون،جن ۾ تاج جويي، مضمون ساگر ڏھراج جي شخصيت وحيد ڳاھو نظم، جبار تاثير سومري غزل،شاڪر عزيز سيتائي غزل تنقيد لاء پيش ڪيا.پيش ڪيل اسمن تي مٿين ليکڪن کان سواءِ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر،مولابخش محبتي،گلشير ڪوريجي،نظيرملڪاڻي ڊاڪٽر عزيز ٿيٻو ۽ ٻين اصلاحي تنقيدي رايا ڏنا.سليم چنا بنا تنقيد جي مختصر ڪھاڻي فطرت پڙھي.گڏجاڻي جي ڪارروائي جوائنٽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاڪر عزيز سيتائي ھلائي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button