بريڪنگ نيوزسنڌ

ٺل ۾ هٿياربند يو سي چيئرمين کان 17 لک ڦر ڪري فرار

ٺل (ن م)ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرڊ اسٽيشن ڀرسان نامعلوم هٿيار بندن موٽر سائيڪل تي سوار ٿي هٿيارن جي زور تي يوسي دين پور جي چيئرمين مير نعمان کوسو کان 17 لک ڦري ڪري فرار ٿي ويا ،واقعي خلاف ڳوٺاڻن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن مير حسن ٻرڙو۔مقدم عزيز الله ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پوليس انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪندا مير درياء خان کوسو چوڪ وٽ پهچي ڌرڻو هڻي ٺل ڪنڌڪوٽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون بيهجي ويون۔ ان موقعي تي اڳواڻن سالار مير حسن ٻرڙو، مقدم عزيز الله ڀٽي۔ نظام الدين ڊول، رئيس اصغر علي ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته    ٺل ۾ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن يوسي چيئرمين مير نعمان خان کوسو کان هٿيارن جي زور تي 17 لک روپيا ڦر ڪري آرام سان فرار ٿي ويا آھن۔جڏهن ته پوليس غائب هئي۔جيڪو افسوس ناڪ عمل آهي۔هوڏانهن متاثر مير نعمان خان کوسو۔محمد خان کوسو۔مير فهد خان کوسو۔جي يو آئي اڳواڻ سيد عبد الباسط شاھ ۽ ٻيا ڳواڻ وفد صورت ۾ ٺل ٿاڻي تي پهچي ايس ايچ او ٺل کي وارننگ ڏني ته ڦورن کي جلد گرفتار ڪري ڦر ٿيل پيسا واپس ڪرائي ٺل ۾ بدامني  تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ورنه احتجاج ۽ ڌرڻن جو سلسلو وڌايو ويندو۔ايس ايچ او ٺل جي يقين ڌياني بعد ڌرڻو ٻن ڏينهن لاء ملتوي ڪيو ويو آھي۔ هوڏانهن مظاهرين ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو آھي ته مير نعمان خان کان ڦر ٿيل نقد رقم واپس ڪرائي وڃي۔ ۽ ڏينهن ڏٺي جي ڦر جو نوٽيس وٺي۔ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي۔نه ته ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button