بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو جي عدالت ۾ اُمِ رباب چانڊيو جي گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي

دادو(ڊ ر) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ اُمِ رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو والد مختيار چانڊيو، چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي  ٿي گذري، ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو، ام رباب چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا. قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار اڳوڻي ايم پي اي سردار چانڊيو، برھان چانڊيو ۽ ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو به عدالت ۾ پيش ٿيا، ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار علي گوھر، مرتضيٰ، سڪندر چانڊيو ۽ ذوالفقار چانڊيو کي سخت پوليس پهري هيٺ عدالت آندو ويو. جڏهن ته ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار ذوالفقار چانڊيو پاران ضمانت جي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ تي ٻنھي ڌرين جي وڪيلن پاران دليل پيش ڪيا، جنھن بعد ٻڌڻي دادو ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج پاران ڪيس جي ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت ٻاهران اُمِ رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽن گھرڀاتين جي قتل ڪيس کي 6 سال مڪمل ٿي ويا آھن پر ھن وقت تائين انصاف نه ٿي سگهيو آهي 6 سالن کان انصاف جا منتظر آھيون عدالت تي يقين آھي انصاف ملندو، ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ذوالفقار چانڊيو پاران ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي جنھن تي وڪيلن دليل پيش ڪيا آھن ايندڙ ٻڌڻي تي فيصلو ٻڌايو ويندو، جوابدار ذوالفقار چانڊيو 3 سال رپورش رھيو کيس مٿان سپريم ڪورٽ انعام رکيو ھو ۽ گرفتار نه ٿيڻ سبب ان وقت جي آءِ  جي سنڌ کي سپريم ڪورٽ جون حاضريون کائڻيون پيون ھيون، ذوالفقار چانڊيو کي پوليس سمورا وسائل استعمال ڪري وڏي ڏکائين سان گرفتار ڪيو ھو جنھن تي ان وقت جي ايس ايس پي دادو کي تمغه امتياز سان نوازيو ويو ھو، عدالتن تي يقين آھي ته سندس جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي ويندي، هن چيو ته سنڌي نوجوانن ۾ شعور پيدا ٿي ويو آهي برھان چانڊيو کان نوجوان پاران سوال ڪيا ويا آهن جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي. ڏسي خوشي ٿي ماڻھون سرداري نظام خلاف اٿي بيٺا آھن عوام کي حق آھي ته ھو ووٽ وٺڻ لاءِ ايندڙن کان پڇا ڪن ۽ کائن سخت سوال ڪن. ھنن اقتدار ۾ رھي ڇا ڪيو آھي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button