بريڪنگ نيوزقومي

قومي سلامتي ڪميٽي پاران ملڪي سالميت ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪرڻ جو عزم، ڪابينه پاران فيصلن جي منظوري

اسلام آباد (بيورو) قومي سلامتي ڪيمٽي ملڪي سالميت ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪرڻ جو عزم ورجايو آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب، قومي سلاميتي ڪميٽي اجلاس ۾ پاڪستان ايران ڇڪتان تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران پرڏيهي وزير سفارتي محاذ تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته بچاءَ واري وزارت جي عملدارن به معاملي بابت آگاهه ڪيو. ذريعن موجب اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پاڪستان ايراني سرزمين تي ڪامياب انٽيليجينس بيسڊ آپريشن ڪيو، پاڪستان ايراني سر زمين تي موجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ پاڪستان جي ايران ۾ مقرر سفير به بريفنگ ڏني. ذريعن ٻڌايو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان ڪا به ڇڪتاڻ نه ٿو چاهي، قومي سلامتي تي ٺاهه نه ڪيو ويندو. ذريعن موجب، ڪميٽي ملڪي سالميت ۽ خودمخياري تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪرڻ جو عزم ورجايو. نگران وفاقي ڪابينا قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن موجب، پاڪستان ۽ ايران سان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ايران سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب، نگران پرڏيهي وزير ڪابينا اجلاس کي بريفنگ ڏني. وفاقي ڪابينا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هو نٿا چاهن ته ايران سان لاڳاپا خراب ٿين، ايران غلط قدم کنيو جنهن جو جواب ڏنو. ان کان اڳ قومي سلامتي ڪيمٽي ملڪي سالميت ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب، قومي سلاميتي ڪميٽي اجلاس ۾ پاڪستان ايران ڇڪتان تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران پرڏيهي وزير سفارتي محاذ تي ٿيندڙ ڳالهه ٻول تي بريفنگ ڏني،جڏهن ته بچاءَ واري وزارت جي عملدارن به معاملي بابت آگاهه ڪيو. ذريعن موجب اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پاڪستان ايراني سرزمين تي ڪامياب انٽيليجينس بيسڊ آپريشن ڪيو، پاڪستان ايراني سرزمين تي موجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ پاڪستان جي ايران ۾ مقرر سفير به بريفنگ ڏني. ذريعن ٻڌايو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان ڪو به ڇڪتاڻ نه ٿو چاهي، قومي سلامتي تي ٺاهه نه ڪيو ويندو. ذريعن موجب، ڪميٽي ملڪي سالميت ۽ خودمخياري تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪرڻ جو عزم ورجايو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button