بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪنب ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو، بدنام ڏوهاري ڏاڙهون خاصخيلي مارجي ويو

خيرپور/ڪنب/سيٺارجا(نمائندن وٽان) ڪنب پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو شهيد اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙو جي قتل ڪيس ۾ گهربل بدنام زمانا ڏوهاري مارجي ويل ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو ڪنب ٿاڻي تي پهچي ايس ايڇ او ڪنب سميت ٽيم کي مبارکباد ڏيڻ ٿاڻي تي پهتو 20 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي ڦر ٿيل سرڪاري جي ٿري ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو خبر موجب ڪنب پوليس ۽ ڏوهارين ۽ ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ مقابلو 4 مهينا اڳ اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙو کي قتل ڪندڙ مک جوابدار سليم عرف ڏاڙهون خاصخيلي مارجي ويو ڦر ٿيل سرڪاري جي ٿري موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي ان سسلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو ڪنب ٿاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 4 مهينا اڳ اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙو کي قتل ڪيو ويو هو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪاروائي ڪئي وئي هئي جوابدار فرار ٿي ويا هئا اڄ ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ايس ايڇ او ڪنب ياسر علي کوسو جي اڳواڻي ۾ ڪامياب ڪاروائي ڪئي وئي آهي بدنام ڏوهاري سليم عرف ڏاڙهون خاصخيلي شهيد اي ايس آء امير بخش سوڍڙو کي ساٿين سان گڏجي قتل ڪيو هو  ۽ ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس اهلڪارن کان سرڪاري جي ٿري کسي فرار ٿي ويو هو مقابلي ۾ مارجي ويو آهي مارجي ويل ڏوهاري 20 کان وڌيڪ قتل ڦر ڌاڙن سميت مختلف ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو خيرپور ضلعي کان علاوه ٻين ضلعن مان مارجي ويل ڏوهاري جي ڏوهن جو ريڪارڊ پڻ گڏ ڪيو وڃي ٿو ڪنب ٿاڻي تي ايس ايڇ او ڪنب ياسر کوسو ۽ ان جي ٽيم کي شاباس ڏيڻ آيو آهيان ۽ پنجاھ هزار روڪ انعام ڏيڻ جو علان ڪيان ٿو جڏهن ته آء جي سنڌ کي پوليس ٽيم لاءِ 5 لک انعام ڏيڻ لاءِ لکندس ڪنب  پريس ڪلب جي صحافين کي به سلام ڪيان ٿو جيڪي پوليس سان گڏ آهن ان موقعي تي ايس ايڇ و ڪنب ياسر علي کوسو ايس ايڇ او ٽنڊو مستي رفيق احمد سومرو ۽ ٻيا موجود هئا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button