بريڪنگ نيوزسنڌ

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان

ڪراچي  (بيورو ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته منهنجي خواهش آهي ته محمود اچڪزئي کي ووٽ ڏيان پر پارٽي جو فيصلو واجب آهي ته ائين نه ڪيان. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جتي اپوزيشن جون سيٽون هونديون، اسان اتي ويهنداسين، حماس جي قيادت سان ملڻ تي عالمي طاقتون ناراض ته ٿينديون. هن چيو ته جن کي خبر هئي مان انهن جي مقابلي ۾ صدارتي اميدوار بڻجندس ته انهن تجوڙين جا منهن کوليا، منهنجي خواهش آهي ته محمود اچڪزئي کي ووٽ ڏيان پر پارٽي جو فيصلو واجب آهي ته ائين نه ڪيان، سياستدانن کي پنهنجي ڪمٽمينٽ رکڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ بابت جيڪو موقف هو، هاڻ به اهو ئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته اهڙو ماحول ٺهي جنهن سان اختلاف ختم ٿين. مولانا فضل الرحمان چيو ته چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ئي ورهاست ڪئي آهي، ڪنهن کي هڪ هنڌ ۽ ڪنهن کي ٻئي هنڌ ايڊجسٽ ڪيو ويو، چونڊن تي جمعيت جو موقف وضاحت سان سامهون آيو، اسان چونڊ نتيجن کي رد ڪيو آهي، وقت سان گڏ شاهديون سامهون اچي رهيون آهن ۽ اسان جي موقف جي تصديق ٿي رهي آهي، هاڻوڪين چونڊن 2018 ۾ ڌانڌلي جو به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. جي يو آءِ سربراهه چيو ته هيءَ پارليامينٽ ڌانڌلي جي پيداوار آهي، ان پارليامينٽ ۾ ڪجهه ماڻهو پاڻ کي حڪمران سڏرائيندا، جيڪي قوم تي حڪومت ڪندا پر دلين تي نه، جمهوريت پنهنجو ڪيس هارائي رهي آهي، پارليامينٽ پنهنجي اهميت وڃائي رهي آهي، اسان جو ڪنهن سان ذاتي جهيڙو ناهي جو ان کي پرچايون. هن چيو ته انهن حڪمرانن اقتدار کي طاقت سمجهيو آهي، پئسي جي بنياد تي سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي خريدي وئي، اڃا تائين گرينڊ الائنس جي فضا ناهي، پ پ ۽ ن ليگ کي 2018 وارو مينڊيٽ مليو، ان وقت ڌانڌلي هئي ته هاڻ ڇو نه؟سندس چوڻ هو ته اسان وٽ جيڪو آيو آهي اسان ان جو احترام ڪيو آهي، اسان پارليامينٽ ۾ وينداسين، احتجاج ڪنداسين.  جي يو آءِ جي سربراهه چيو ته حماس جي قيادت سان ملندس ته انٽرنيشنل  طاقتون  ته ناراض ٿينديون، فلسطين ۾ 30 هزار شهادتون ٿي چڪيون آهن، هزارين  ٻارڙن کي به شهيد ڪيو ويو جن ۾ ٿڃ پياڪ ٻار به شامل آهن، هن چيو ته آمريڪا کي انساني حقن جي ڳالهه ڪندي شرم اچڻ گهرجي، اسلامي دنيا کي کلي پنهنجي مسلمان ڀائرن جي حمايت ڪرڻ گهرجي، مظلوم فلسطينين کي ڇت به ميسر ناهي، کاڌ خوراڪ نه پئي ملي، افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان اقتدار جي جنگ وڙهي رهيا آهيون.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button