دادو بي سيڪشن پوليس جي ڪارروائي 3 رڪني گينگ گرفتار، موٽر سائيڪلون ۽ موبائيل فون هٿ
دادو(رپورٽ:علي گل چنا)دادو بي سيڪشن پوليس اسٽريٽ ڪرمنل جي 3 رڪني گينگ کي گرفتار ڪري ورتو، موٽرسائيڪلون ۽ موبائيل فونون هٿ.ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي هدايت تي دادو بي سيڪشن پوليس ايس ايڇ او مشتاق احمد عالماڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪندي گروهه کي گرفتارڪري ورتو، ڪارروائي ۾ دادو جي شهري محمد علي سومرو کان موبائيل فون ڦرڻ جي ڪوشش ڪندي جوابدار محمد علي عرف صمد خاصخيلي کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن واقعي ۾ ملوث ٻين ساٿين ۽ واقعي جو طريقو به ٻڌايو.بي سيڪشن پوليس وڌيڪ ڪارروائي ڪندي موبائل نيچر گروپ جي ٻن جوابدارن فاروق بروهي ۽ جوابدار ڪاشف عرف ڪاشي وگهيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي جوابدارن جي قبضي مان شهرين کان چوري ڪيل 2 سمارٽ موبائيل فون ۽ واقعي ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدارن خلاف ايف آءِ آر دادو بي سيڪشن تي درج ڪئي وئي آهي.1