بريڪنگ نيوزسنڌ
حيدرآباد پوليس جي ڪارروائي، 2 ڦورو گرفتار، هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
حيدرآباد (رپورٽ: زاهد خان) حيدرآباد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس جي ڪارروائي ٻه موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو. ڊي ايس پي لطيف آباد حامد علي ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ انچارج ايئرپورٽ سب انسپيڪٽر منظور شورو پنهنجي اسٽاف سان گڏ گشت دوران ڪارروايون ڪري موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ ٻن ڦورن نواز ڇٽو ۽ عرفان ڇٽو کي گرفتار ڪري جوابدارن جي قبضي مان شهري محمد اختر راجپوت جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪري ورتي.7