بريڪنگ نيوزسنڌ

لمس جي ملازمن جي تنظيم لسبا جي چونڊ، لطيف مهراڻ پينل ڪامياب

ڄامشورو (ڊ ر) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي سال 2024-2025ع جون چونڊون اليڪشن اليڪشن ڪمشنر مشارق خان ميمبرن امجد لاشاري قربان علي سومرو جي زيرنگراني ۾ منعقد ڪيو ويو اليڪشن ۾ ٽي پينل حصو ورتو جن ۾ مخدوم اشفاق جو لطيف مھراڻ پينل حامد قمبراڻي  جو پورھيت اتحاد پينل ۽ نظير نوحاڻي جو سچل سرمست پينل شامل ھئا ـ جن مان بن پينلن سچل سرمست ۽ پورھيت اتحاد پينل پاران لطيف مھراڻ پينل جي حمايت ۾ ھٿ کڻي ويا جنھن بعد لطيف مھران پينل بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو ـ ان سلسلي ۾  لسوا اليڪشن  2024-2025 ع جي مقرر اليڪشن ڪمشنر مشارق خان ميمبر امجد لاشاري ۽ قربان علي سومرو  پاران نوٽيفيڪشن جاري ڪندي چيو آھي ته لياقت يونيورسٽي اسٽاف ويلفيئر ايسوئيشن جي اليڪشن  2024-2025  ۾ ملازمن جي ٽن پينلن لطيف مھراڻ پينل سچل سرمست پينل ۽ پورھيت اتحاد پينل اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاء فارم وصول ڪيا فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 25 جنوري شام 5 بجي تائين صرف لطيف مھراڻ پينل پنھنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا جڏھن ته  ٻن پينلن سچل سرمست پينل ۽ پورھيت اتحاد پينل پاران لطيف مھراڻ پينل جي حق ۾ دستبردار جو اعلان ڪيو ويو لسوا آئين مطابق لسوا اليڪشن 2024-2025ع جي لاء لطيف مھراڻ پينل جي سمورن عھديدارن کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي لطيف مھراڻ پينل جي ڪامياب عھديدارن ۾ چيئرمين اشفاق علي راجپر وائيس چيئرمين منظور علي ڀاڳت صدر مخدوم اشفاق احمد عباسي سينئر نائب صدر مقصود احمد چڍڙ نائب صدر خيربخش بلوچ جنرل سيڪريٽري سعيد احمد لاشاري ڍپٽي جنرل سيڪريٽري انور علي سولنگي جوائنٽ سيڪريٽري عبدالغفار قريشي رابطا سيڪريٽري منصور احمد ھاليپوٽو  خزانچي سرفراز صديقي پريس سيڪريٽري دودو سومرو آفيس سيڪريٽري ارشاد علي ڀٽي ايگزيڪيٽو ميمبرن وحيد مراد بروھي خادم حسين جمالي امانت مسيع شامل آھن  ان سلسلي ۾ لطيف مھراڻ پينل جي ڪامياب اڳواڻن اشفاق علي راجپر مخدوم اشفاق عباسي سعيد لاشاري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته الحمد الله اسان لسوا اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي آھي اسان سچل سرمست پينل ۽ پورھيت اتحاد پينل جي اڳواڻن جا ٿورائتا آھيون جن اسان جي حمايت ۾ ھٿ کنيو آھي ۽ انشاء الله  لمس جي ملازمن جي مسئلن جي حل لاء اڳ به ڪوششون ڪيون آھن ۽ ڪافي مسئلا حل ڪرايا آھن ڪجھ مسئلا رھيل آھن جن کي جلد حل ڪرايو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button