بريڪنگ نيوزسنڌ

ڄام صاحب ۾ هٿيارن جي زور تي رهواسي کان موٽرسائيڪل ڦر،احتجاج

ڄام صاحب (ن م)ڄام صاحب ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڄام صاحب نوابشاهھ مين روڊ چانڊيا پولٽري فارم وٽ امير بخش ڏاھري کان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ خلاف رپورٽ ايم اسلم ڏاھري ڄام صاحب مھراڻ‎ شھرين  پاران ڄام صاحب ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته شھرين وقار ڏاھري عبدالرزاق ڏاھري وقار احمد گل ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڦورو اسان سڃاتا آهن ڪافي عرصي کان ڄام صاحب ۾ بدامني جي باھه ٻريل آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ڦورو علائقي جا آهن پوليس کي به سڀ خبر آهي جيڪڏهن ڦورو گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button