بريڪنگ نيوزسنڌ

ليفٽ ڊيموڪريٽڪ الائينس سانگهڙ پاران فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ احتجاجي مظاهرو

سانگهڙ (سٽي رپورٽر) ليفٽ ڊيموڪريٽڪ الائينس سانگهڙ پاران فلسطين جي مظلوم ماڻهن جي حمايت ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي عبدالقيوم لانڊر، مير حسن مري، قاسم عادل لغاري، عظیم رونجهو، امجد عاجز منگي ۽ ٻين چيو ته اسان کي فسلطيني عوام تي ٿيندڙ انسانيت کان ڪريل بمباري کان وڌيڪ افسوس انهن انساني حقن جي دعويدارن جي انسانيت دشمن خاموشي تي آهي. اسرائيل دنيا جو وڏو دھشتگرد ملڪ آهي جنهن 75 سالن کان لڳاتار فلسطين جي مظلوم ماڻهن تي ظلم ڪيو آهي. ھن وقت جنهن طريقي سان فلسطين جي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. ان تي دنيا جا مسلم توڙي غير مسلم ملڪ خاموش تماشائي بڻيل آهن. جن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جنگ بندي ڪري دنيا اسرائيل جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button