بريڪنگ نيوزسنڌ

اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيندي نظر نه پئي اچي: فقير عنايت الله ٻرڙو

روهڙي(ن م)روهڙي صالح پٽ پي ايس 23 تڪ تي جنرل اليڪشن وڙهندڙ پ پ اڳواڻ سيد اويس قادر شاھ ۽ جي ڊي اڳواڻ فقير عنايت الله ٻرڙو وچ ۾ چوٽي جو مقابلو، ڊي اي اڳواڻ فقير عنايت الله ٻرڙو پنهنجا خدشا ظاهر ڪندي چيو آهي ته هي اليڪشن صاف شفاف ٿيندي نظر نه پئي اچي پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه ڌانڌلي ڪري پنهنجي حڪومت ٺاهي آهي. هن ڀيري به سرڪاري مشينري استعمال ڪري عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو ويندو، عوام پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪوڙي سياست کي سڃاڻي ورتو آهي جتي به پ پ اميدوار ووٽ لاءِ وڃن ٿا اتي عوام هنن جو انڊن، ٽماٽن ۽ ڇيڻن سان استقبال ڪري رهيو آهي. اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جي قيادت تي پر اميد آهيان. پير سائين پاڳارا جي سياست بي داغ آهي. سنڌ جي عوام کي حقيقي ۽ سچي ليڊرشپ جي ضرورت آهي. اگر اليڪشن صحيح نموني ڪرايون ويون ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي روھڙي سکر ته ڇا پر سڄي سنڌ ۾ وڏي شڪست نصيب ٿيندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button