بريڪنگ نيوزسنڌ

ٺري ميرواهه لڳ گهر ڀرسان وڻ ۾ 12 ورهين جي نينگر جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ، قتل جو شڪ ظاهر

ٺري ميرواھ (منگي وٽان) ٺري ميرواھ جي ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ ٻارنهن ورھين نينگر شفيق شر جو گهر جي ڀرسان انب جي وڻ ۾ ڦاھو ڏنل لاش هٿ نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو اطلاع تي بوزدار وڏا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٺري ميرواھ اسپتال آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ميڊيا سان ڳالهائيندي نينگر جي وارثن جو چوڻ ھو ته اسان جي  ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي خبر ناهي منهنجي پٽ کي وڻ سان ڪنهن ڦاهو ڏئي ٽنگيو آھي نينگر جي والد آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪندي چيو ته ھن معاملي جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button