بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو ۾ بجلي جي پول تي چڙهندڙ نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، وارثن پاران ڌرڻو

دادو (رپورٽ:علي گل چنا) دادو شهر جي شهباز ڪالوني ۾ واپڊا ملازم علي بخش گوپانگ جي چوڻ تي بجلي تي پول تي چڙهندڙ شهري خانگي مستري شهباز علي سولنگي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو جنهن کي وارثن فوري طور تي دادو سول اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ آندو جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر پاران نوجوان جي فوت هجڻ تي تصديق ڪئي جنهن دوران وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، فوتي نوجوان جي ڀاءُ شهزور سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته ڀاءُ کي گهران گهرائي واپڊا لائين مين علي بخش گوپانگ بجلي جي پول تي چاڙهيو جنهن دوران ڀاءُ کي ڪرنٽ لڳو ۽ هو فوت ٿي ويو ڀاءُ جي قتل ۾ واپڊا عملو ملوث آهي، جڏهن ته فوتي نوجوان جو لاش قانوني ڪارروائي بعد وارث حوالي ڪيو ويو، جيڪي دادو شهباز ڪالوني کڻائي ويا، فوتي نوجوان جي وارثن شهزور سولنگي، سولنگي اتحاد چيئرمين حسين سولنگي، نور محمد سولنگي، سولنگي ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان سولنگي، حافظ سڪندر، نياز سولنگي، شاهد سولنگي ۽ ٻين نوجوان جو لاش کڻي پنج 6 ڪلاڪ ايس ايس پي موڙ بند ڪري سيپڪو عملي خلاف سخت نعريبازي ڪندي  چيو ته اسان جي نوجوان کي سيپڪو جي لائين سپرنٽنڊنٽ ماجد مستوئي، لائين مين علي بخش گوپانگ گھرائي تار ھڻڻ جو چيو جنھن بعد اسان جو نوجوان پول تي ڪم ڪندي اوچتو بجلي اچڻ سبب ڪرنٽ ۾ فوت ٿيو آھي، جيسيتائين سيپڪو جي عملدارن ايس ڊي او، لائين، سپرنٽينڊنٽ خلاف قتل جو ڪيس داخل نه ٿو ٿئي ھي ڌرڻو جاري رھندو، هڪ بيگناھ جي قتل ۾ سيپڪو عملو ملوث آهي، هنن چيو ته اسان صرف انصاف گهري رهيا آهيون پر هن مهل تائين دادو پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي دادو سيپڪو عملي پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ الائي ڪيترا گهر تباھ ۽ برباد ڪيا آهن، سيپڪو عملي سان دادو پوليس ياري ملهائي رهي آهي، جڏهن ته مظاهرين سان ڳالهيون نه ڪرڻ تي مظاهرين نوجوان جو لاش کڻي دادو جوهي موڙ انڊس هاءِ وي روڊ تي رکي ٻيهر ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي اچ وڃ لاءِ ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، 3 ڪلاڪ جي ڌرڻي دوران سوين مسافر گاڏيون روڊ جي ٻنهي طرفن کان بيهي ويون، جنهن بعد دادو اي سيڪشن پوليس فوتي نوجوان جي والد نور محمد سولنگي جي فرياد تي لائين سپرنٽنڊنٽ ماجد مستوئي، لائين مين علي بخش گوپانگ مٿان ڪيس داخل ڪيو جنهن بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري فوتي نوجوان جو لاش تدفين لاءِ کڻائي ويا.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button