بريڪنگ نيوزسنڌ

ساس سانگهڙ پاران شهيد ڪهاڻيڪار آفتاب نظاماڻي جي اعزاز ۾ ڪهاڻي ڪانفرنس

سانگهڙ(ت ر)سنڌ جي ناليوارن ڪهاڻيڪارن چيو آهي ته سانگهڙ ڪهاڻين جو شهر آهي، هي شهر مني پاڪستان به آهي، جتي حرن جو رت  به سمايل آهي، اهڙو اظهار هنن  شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي سانگهڙ ڪيمپس هال ۾ سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ شاخ طرفان نامياري ڪهاڻيڪار شهيد آفتاب نظاماڻي جي اعزاز ۾ ڪوٺايل “ڪهاڻي ڪانفرنس” ۾ خطاب ڪندي ڪيو، ڪهاڻي ڪانفرنس جي صدارت ناليواري ڪهاڻيڪار اڪبر سومرو ڪئي. ان موقعي تي ڪهاڻيڪار اڪبر سومرو صدارتي خطاب ڪندي چيو ته آفتاب نظاماڻي سان گاڏي کاتي ۾  پريس تي ملاقات ٿيندي هئي.  هن چيو ته آفتاب نظاماڻي مونکان وسري ويو هو. ڪهاڻي ڪانفرنس ڪري مونکي آفتاب جي ياد ڏياري وئي آهي. هن چيو ته ڪهاڻي جو تعلق حالتن سان ئي آهي. هن چيو ته سنڌي ڪهاڻين کي رسالن تي بندش دوران وڏو ڌڪ پهتو. اردو ڪهاڻي پوئتي سفر ڪري رهي آهي. اديب الهورايو بهڻ چيو ته آفتاب نظاماڻي سان واقفيت 1972 سان ٿي، سانگهڙ ۾ اڳ ۾ ادبي منڊلي نه هئي. آفتاب غريب هاري خاندان مان نڪري آيو هو. پهرين ڪهاڻي ڪانفرنس سانگهڙ ۾ آفتاب نظاماڻي ڪرائي هئي. جنهن ۾ مراد علي مرزا به آيو هو. هن چيو ته سانگهڙ مني پاڪستان آهي. جتي هر قسم جو ماڻهو ملي ويندو. جتي مذهبي ماڻهن کان وٺي سرڪار تائين جا ماڻهو لکندڙ شخص تي دٻاءِ وجهن ٿا. هن چيو ته آفتاب نظاماني ڪهاڻيڪار سان گڏ ڊرامه نويس ۽ اداڪار نه هو. جنهن جو کاٻي ڌر سان به تعلق هو. جنهن ڪنور ڀڳت سان گڏ ويهي گهڙو به وڄايو هو. سنڌي ادبي سنگت جي جنرل سيڪريٽري تاج جويو چيو ته سانگهڙ ڳاڙهو ٽٻڪو آهي. هي آزادي جو ديس آهي. ڪهاڻين جو شهر آهي. هتي حرن جو رت سمايل آهي. سانگهڙ ۾ انگريزن ريل وڇائي. هتي گڙنگ بنگلي کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. هن چيو ته آفتاب نظاماڻي جي ڪهاڻين جا 2 مجموعا ڇپيا. 1987 تي سندس ڀاءِ کي قتل ڪيو ويو. جنهن جو هن ڪتاب ۾ به ذڪر ڪيو. 1988 ۾ آفتاب نظاماڻي کي ڊرائيور نور محمد سميت حيدرآباد ۾ لساني فسادن دوران لطيف آباد ۾ قتل ڪيو ويو. آفتاب نظاماڻي ترقي پسند ڪهاڻيڪار هو. ڊاڪٽر شير مهراڻوي چيو ته اسان ڪهاڻين جي وچ ۾ رهون ٿا. چوڌاري ڪهاڻيون آهن. اسان ڪهاڻين جي گهيري ۾ آهيون. هر شخص ڪهاڻي آهي پر ڪهاڻي لکي اهو ٿو جيڪو لکڻ ڄاڻي ٿو. ڪهاڻي لکڻ واري کي وڌ کان وڌ پڙهڻ گهرجي. ڪهاڻيڪار غلام نبي سومرو مقالو پڙهندي چيو ته ڪهاڻين جي حوالي سانگهڙ شهر اهم شهر رهيو آهي، جنهن تي زراعت جو به اثر رهيو آهي، ڪهاڻي ڪانفرنس جو سٽاءِ رهيو آهي، 1914 ۾ پهرين ڪهاڻي هتي لکي وئي، هن چيو ته آفتاب نظاماڻي تي لکڻ لاءِ 2 صديون کپن، جنهن 1987 ۾ ڪهاڻيون لکيون، آفتاب نظاماڻي جي ڪهاڻي ۽ فن پنهجو اثر نه وڃايو آهي، آفتاب شاندار ڪهاڻيون لکيون آهن، هن چيو ته زندگي جي ڪهاڻي الڳ ئي ڪهاڻي آهي، آفتاب کي جلدي وڃڻو هو، هو ڪهاڻين ۾ جدوجهد جو ذڪر ڪري ٿو، ڏور ٽٽڻ جي به کيس خبر هئي، جنهن جو اظهار 1988 ۾ ٿيو، هن چيو ته ڪنهن جي وڃڻ کانپوءِ 40 سال ياد رکڻ سولو ناهي، آفتاب نظاماڻي شاعر به هو، آفتاب نظاماڻي ڪهاڻين ۾ وڏا سوال ڇڏيا آهن، ماءِ جو پيار به ڏيکاريو آهي، ڪهاڻين جي ٻئي سيشن ۾ ڪهاڻيڪار نصرت چانڊيو پنهنجي اڇي چادر پڙهي، جنهن تي ڪليم بٽ مقالو پڙهندي چيو ته نصرت چانڊيو وٽ نور الهدا شاهه واري بيباڪي آهي، جنهن جو بيانيو بنهه سادو آهي، ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ اختر حفيظ، شير مهراڻوي، مبارڪ لاشاري، ڪليم ٻٽ، نصير ڪنڀر، منور سراج، صديق مڱيو ۽ ٻين ڪهاڻيون پڙهي ٻڌايون، ڪانفرنس ۾ نواب ڪاڪا، امر لغاري، استاد نظاماڻي، انجم آفتاب، مير حسن مري ۽ ٻين پڻ ڪهاڻين پنهنجا مقالا پيش ڪيا، تقريب ۾ استاد نظاماڻي ۽ امر لغاري ۽ ٻين کي سنڌي ادبي سنگت طرفان ايوارڊ ڏنا ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button