بريڪنگ نيوزسنڌ

گهوٽڪي ريلوي اسٽيشن تي نوجوان ٽرين مان ڪري فوت

گهوٽڪي(محمد صالح بهڻ)گهوٽڪي ريلوي اسٽيشن تي شاليمار ٽرين مان 35 سالن جو نوجوان ڪري  چيپاٽجي فوت ،سکر جو رهواسي نوجوان ٽرين ۾ چڙهندي پير ترڪڻ سبب ڪري پيو، جيڪو ٿڏي تي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ آندو ويو ،خبر موجب خميس ڏينهن شاليمار ايڪسپريس جيڪا گهوٽڪي اسٽيشن تي پهتي ته هڪ نوجوان هلندڙ ٽرين ۾  چڙهي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب هيٺ ڪري پيو جيڪو ٿڏي تي فوت ٿي ويو ،جنهن جو لاش ريلوي پوليس تعلقه  اسپتال گهوٽڪي کڻائي آئي جنهن جي سڃاڻپ سکر واسي رئيس عرف ڊائون مڪراني طور ٿي آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button