تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / ميرپورخاص ۾ ڪراچي واسي ميڊيڪل جي شاگردياڻي کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو انڪشاف

ميرپورخاص ۾ ڪراچي واسي ميڊيڪل جي شاگردياڻي کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو انڪشاف

ميرپورخاص (بيورو / م ڊ) ميرپورخاص ۾ 5 ڏينهن اڳ پراسرار نموني ٻڏي ويل ناريءَ جو لاش هٿ، وارثن بنا پوسٽ مارٽم ۽ جنازي نماز جي لاش رات جي پيٽ ۾ ڳجهي نموني دفنائي ڇڏيو. علائقي ۾ ناريءَ سان زيادتي ۽ قتل جا چئوٻول، ميرپورخاص جي کاڻ ٿاڻي جي حد نزديڪ آباد ويجهو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ميڊيڪل جي شاگردياڻي بي بي مريءَ جو جمڙائو ڪئنال ۾ پراسرار نموني ٻڏي وڃڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي.گذريل رات 2 وڳي ڪئنال مان لاش ملڻ بعد وارثن رات پيٽ ۾ ڳجهي نموني بنا پوليس کي اطلاع ڏيڻ ۽ بنا پوسٽ مارٽم جي درگاهه لشڪر شاهه جي قبرستان جي هڪ ڪنڊ ۾ ديوين اندر دفنائي ڇڏيو، جتي ناريءَ جي قبر جي ڀرسان 20 کان 25 ماڻهن جي پيرن جا نشان آهن، جڏهن ته قبر تي ڪنهن به قسم جا گل وغيره نڇاور ڪرڻ بدران کٻڙ جون ڪجهه ٽاريون ٽوڙي رکيون ويون آهن ۽ قبر پڻ تڙ تڪڙ ۾ ٺاهيل نظر اچي رهي آهي.ذريعن موجب ناريءَ جا وارث لاش دفنائڻ بعد ئي رات پيٽ ۾ ڪراچي روانا ٿي ويا. هيڏي وڏي واقعي بابت کاڻ پوليس کي پڻ ان وقت خبر پئي، جڏهن صحافين رابطو ڪري لاش ملڻ ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ تدفين بابت پڇا ڪئي، جنهن کانپوءِ پوليس جنهن گهر ۾ ناري ترسيل هئي، ان جي مالڪ صديق مريءَ جو بيان رڪارڊ ڪري واپس هلي آئي.واضح رهي ته 5 ڏينهن اڳ ناري پنهنجي سئوٽ محمد بخش ولد محبوب سان گڏ موٽرسائيڪل تي جمڙائو ڪئنال تائين آئي، ناريءَ جي ٻڏي وڃڻ بعد ناريءَ جي ڀاءُ ۽ سئوٽ موقف اختيار ڪيو هو ته ناري پاڻ واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آهي. ميڊيا ۾ ناريءَ جي ڳجهه ڳوهه ۾ تدفين وارين خبرن کانپوءِ علائقي ۾ چئوٻول هئا ته ناريءَ کي زيادتيءَ بعد تشدد ڪرڻ کانپوءِ ٻوڙي ماري ويو آهي، جڏهن ته ناريءَ جو هڪ مبينا ايس ايم ايس پڻ گردش ڪندو رهيو، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته اهو هن پنهنجي امڙ سميت ڪجهه ويجهن عزيزن کي موڪليو هو، جيڪو علائقي جي هڪ بااثر شخصيت دٻاءَ وجهي انهن ماڻهن کان ڊليٽ ڪرائي ڇڏيو هو. ناريءَ جي گردش ڪندڙ ايس ايم ايس ۾ چيو ويو آهي ته “منهنجو بدلو هنن کان ضرور وٺجو ۽ جيڪڏهن آئون مري وڃا ته مون کي پنهنجي شهر (ڪراچي) ۾ دفنائجو، هيءَ ڳالهه آئون رڳو توهان کي ٻڌائي رهي آهيان. واضح رهي ته ناريءَ جو موبائل پڻ گم آهي. ايس ايڇ او کاڻ دائود ڏيرو موجب ناريءَ جو موبائل به ناريءَ سان گڏ هو، جيڪو واهه ۾ لڙهي ويو آهي.ٻئي طرف ايس ايس پي ميرپورخاص ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته لاش رات جو 2 وڳي مليو ۽ وارثن 4 وڳي دفن ڪري ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته وارثن پوليس کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ نه ڏنو، اسان معاملي جون حقيقتون ڄاڻڻ ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ قبر ڪشائيءَ لاءِ درخواست داخل ڪنداسين.ٻئي طرف هيومن رائيٽس ڊفينڊرز فورم جي ايڊووڪيٽ نوشين پهوڙ ۽ سماجي اڳواڻ واجد لغاري ڊي آءِ جي ميرپورخاص سان ملي ناريءَ جي مبينا قتل جي گهڻ طرفي جاچ ڪرڻ ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني.ان موقعي تي واجد لغاري ۽ نوشين پهوڙ ٻڌايو ته پوليس کي مئجسٽريٽ وٽ واقعي جي ٻئي ڏينهن تائين رپورٽ جمع ڪرائڻي هئي، پر پوليس اها پڻ جمع نه ڪرائي، ان ڪري اسان سيشن جج کي به معاملي جي جاچ لاءِ درخواست ڏئي رهيا آهيون. ٻئي طرف ذريعن موجب معاملي کي دٻائڻ لاءِ علائقي جي هڪ بااثر شخصيت سرگرم ٿي وئي آهي، جيڪا پوليس تي پڻ اثرانداز ٿي رهي آهي.6

 

ھي به ڏسو

ڀٽ شاهه قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي

ڀٽ شاهه (ن_خ)ڀٽ شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو …

شهيد سورهيه بادشاهه حق ۽ سچ جي راهه تي هلندي عوام ۽ سنڌ جي بقا لاءِ قرباني ڏني: سيد محمد اسماعيل شاهه راشدي

گمبٽ (ن-م )فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ پاران گمبٽ جي هڪ مقامي هوٽل ۾ شهيد سورهيه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے