بريڪنگ نيوزسنڌ

عوام هن ڀيري لاهور جو وزيراعظم نه چونڊيندو، سڀئي گڏجي به پ پ کي نه ٿا هارائي سگهن: بلاول ڀٽو

ڪراچي (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن ڀيري عوام لاهور جو وزير اعظم نه چونڊيندو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته پيپلز پارٽي سدائين چونڊن لاءِ تيار هئي، ڪو ٻيو چونڊن کان ڀڄي رهيو هو، اليڪٽورل ڪاليج پورو ٿيڻ تائين صدر عارف علوي عهدي تي رهي سگهي ٿو. هن چيو ته صدر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندڙ نواز ليگ کان سوال آهي ته اسان 16 مهينن دوران صدر خلاف قانوني قدم ڇو نه کنيا؟ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 8 فيبروري تي تير جي نشان وارو اُميدوار ئي کَٽي ويندو، مخالف ڀلي گڏجي وڃن، تڏهن به پيپلز پارٽي کي هارائي نٿا سگهن. هن چيو ته اسان جو سمورين سياسي پارٽين سان رابطو رهندو، پر پيپلز پارتي پنهنجي همت ۽ منشور تي اليڪشن وڙهندي، 9 مئي جي سازش ۽ حملن ۾ ملوث ماڻهن کي عوام توڙي سياسي پارٽيون معاف نه ڪنديون، پر جيڪي ماڻهو سازش ۾ ملوث نه هئا، انهن لاءِ معافي جي گنجائش هجڻ گهرجي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button