بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو آدم ۾ سنڌ پاڪ تحريڪ پاران سماجي براين خلاف 695هين ڏينهن کان لڳاتار احتجاجي ڪئمپ پڄاڻي تي پهتي، نئون مرحلو شروع ڪرڻ جو فيصلو

ٽنڊو آدم (ن م) ٽنڊي آدم سميت پوري ضلعي اندر منشيات فروشي، وياج خوري ۽ ٻين سماجي برائين خلاف سنڌ پاڪ تحريڪ جي پليٽ فارم تان 695 ڏينهن کان جاري احتجاجي ڪيمپ پڄاڻي تي پهتي ۽ چيئرمين شاهجهان جوڻيجي جي اڳواڻي ۾ لڳايل ڪيمپ کي پاڻمرادو ختم ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ چيئرمين شاهجهان جوڻيجو، سرور ابڙو، جبل کوسو، لال خان بلوچ، يعقوب مجاهد، عالم جهيجو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هن تحريڪ مان سئو سيڪڙو مطمئن آهيون اسان جي هن تحريڪ هلائڻ سبب سنڌ هاء ڪورٽ جي جج صلاح الدين پنهور منشيات فروشي خلاف سٺا فيصلا ڏنا، ان کان علاوه سنڌ اسيمبلي مان وياج خورن خلاف قانون پاس ٿيو هنن چيو ته اسان جي اِها ڪاميابي آهي ته هن پليٽ فارم تان اسان کي باشعور ۽ انسانيت جو درد رکندڙ شخصيتون مليون ۽ هي قافلو اڳتي وڌندو رهندو، هنن چيو ته هن معاشري ۾ ٻن طرح جا انسان رهن ٿا هڪ جيڪي سٺي سوچ رکندڙ ۽ ٻيو ان جي مخالفت رکندڙ سوچ.  هنن چيو ته هنن جي 695 ڏينهن دوران جاري احتجاجي ڪيمپ تي ڪو به بالا آفيسر يا ڪو هتان جو چونڊيل نمائندو نه پهتو جيڪا تمام گهڻي افسوس واري ڳالهه آهي، هنن چيو ته اسان جي 695 ڏينهن جي احتجاجي ڪيمپ ذريعي منشيات کي روڪڻ ۾ ته ڪي جوڳا نتيجا نه مليا پر جيڪو شعور هتان ماڻهن تائين پهتو اُها اسان جي وڏي ڪاميابي آهي. هنن چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۽ ڊويزنن تي سواءِ ڪجهه آفيسر جي ٻيا آفيسر منشيات فروشي جي ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ وارا مقرر ٿيل آهن. هنن چيو ته اسان کي تمام گهڻي ڪاميابي ملي آهي ته اسان جي هن ڪيمپ تي سنڌ جي باشعور انسانن اچي هن قدم کي ساراهيو ۽ ساٿ ڏنو، منشيات سبب متاثر ڪٽنبن. ڀينرن، مائرن ۽ والدين جا احساس اسان سان گڏ آهن ۽ اسان انهن جي نمائندگي ڪئي. هن ڪيمپ تي ويهي پوري سنڌ جا دورا ڪرڻ ممڪن نه هو جنهن ڪري هن احتجاجي ڪيمپ کي ختم ڪري سموري سنڌ جي ضلعن تائين وينداسين ۽ انهن متاثر ٿيل علائقن ۾ وڃي ڪري منشيات فروشي ۽ سماجي برائين خلاف آواز بلند ڪنداسين. ڇاڪاڻ ته سماجي برائين سبب اسان جو نسل تباهه ٿي رهيا آهن ان کي روڪڻ اسان مٿان فرض آهي. هنن چيو ته محرم الحرام جي مهيني بعد گڏيل لائحه عمل جوڙي ٻيهر ٽيئن مرحلي جو اعلان ڪنداسين ۽ جيسين اهي سماجي برائيون پنهنجي انت تي نه پهچنديون اسان جي تحريڪ جاري رهندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button