بريڪنگ نيوزسنڌ

پنوعاقل مان ڪلهوڙا برادري جون اغوا ڪيل عورتون بازياب،8 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سکر(قمرالدين ميراڻي)پني عاقل ۾ ڪلهوڙا برادري جي اغوا ڪيل ٻن عورتن ۽ هڪ ٻارڙي کي 19 ڪلاڪن کانپوءِ آزاد ڪرايو ويو، ايس ايس پي سکر جو چوڻ آهي ته 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن. ايس ايس پي سنگهار ملڪ موجب گذريل ڏينهن ڇوڪريءَ جي مبينا اغوا تي مهر برادري جي ڪيترن ئي هٿياربندن سرعام موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي ڀر واري علائقي سانگي جي ڳوٺ نرڇ تي ڪاهه ڪئي ۽ فائرنگ ڪري ڏني. حملي ۾ ڪلهوڙا برادري جا ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته حملي آور ٻن عورتن ۽ هڪ 8 ورهين جي ٻارڙي کي اغوا ڪري گڏ کڻي ويا. ايس ايس پي ٻڌايو ته پوليس رضا ڳوٺ ۾ ڪامياب آپريشن کانپوءِ مغوي ٻنهي عورتن ۽ ٻارڙي کي آزاد ڪرائي ورتو، جڏهن ته ڪارروائي دوران جوابدارن جا گهر به ڊاٿا ويا آهن، 8 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ ٻين جي ڳولا جاري آهي. سنگهار ملڪ موجب مهر برادري جو الزام آهي ته انهن جي ڇوڪريءَ کي ڪلهوڙا برادري جي ڇوڪرَي اغوا ڪيو آهي، جڏهن ته ڪلهوڙا برادري چئي ٿي ڇوڪري پسند پرڻي لاءِ گهران نڪتي آهي پر نوجوان ۽ ناري ٻنهي جا موبائل فون نمبر بند آهن ۽ ان حوالي سان جاچ جاري آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button