بريڪنگ نيوزسنڌ

بدين واسي نوجوان واهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي

بدين (ڊ ر)بدين شھر جي رھواسي 30 سالن جو نوجوان  وسيم پٽ عظمت خواجا گھرو پريشانين کان تنگ ٿي ڏھ محرم الحرام واري ڏينهن موٽرسائيڪل تي سوار ٿي بدين شھر مان لگھندڙ ميرواھ جي موري تي پنهنجو موٽرسائيڪل بيھاري ان کي تالو ھڻي پاڻ واھ ۾ ٽپو ڏئي خود ڪشي ڪري ڇڏي ميرواھ  موري تي موجود ماڻهن پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن ٽوٻن ذريعي نوجوان جو لاش ميرواھ  مان ڪڍرايو ۽ نوجوان جي وسيم پٽ عظمت خواجا جي نالي سان سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ نوجوان جو لاش ايڌي ايمبولنس ذريعي ڊاڪٽر سڪندر علي مينڌرو انڊس اسپتال روانو ڪيو ۽ سندس وارثن کي پڻ اطلاع ڪيو جن انڊس اسپتال پھچي نوجوان جو لاش وصول ڪيو خود ڪشي ڪندڙ نوجوان  وسيم خواجا شادي شدھ ھو ۽ کيس ٻن ٻارن جو اولاد آهي ھن جو لاش گھر واقع شھيد شاھنواز ڀٽو چوڪ تي پھچڻ تي گھر ۾ قھرام مچي ويو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button