بريڪنگ نيوزسنڌ

شهدادپور ميونسپل ڪميٽي جو تعارفي اجلاس، مخالف ڌر جو بائيڪاٽ، احتجاج

شھدادپور (رپورٽ: ٻانڌي خان رند/غلام حسين ڀنڀرو) شھدادپور ۾ ميونسپل ڪميٽي جي ڪوٺايل تعارفي اجلاس جو مخالف ڌر جي ڪائونسلرن اڳوڻي تعلقه ناظم فقير حسين بخش خاصخيلي، فتح محمد شيخ ۽ ٻين بائيڪاٽ ڪري پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪرڻ بعد هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميونسپل ڪميٽي 16 هن وارڊن تي مشتمل آھي جنهن جو پهريون تعارفي اجلاس ڪالهه آچر جي ڏينهن ڪوٺايو آھي جيڪو سراسر غلط عمل آھي. ڇاڪاڻ تعارفي اجلاس جو مقصد چونڊيل نمائندن، مونسپل ڪميٽي جي اهم عهدن تي مقرر آفيسرن، عملي جو هجڻ ضروري آھي پر موڪل جي ڏينهن اجلاس ڪوٺائي ميونسپل جي آفيسرن عملي کي مخالف ڌر جي چونڊيل نمائندن پاڻ کان پري رکڻ ۽ کين نظرانداز ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آھي. پڻ ميونسپل ڪميٽي جي فنڊن جي غلط استعمال ڪري ڪرپشن جي منصوبابندي ڪئي وئي آھي. اهڙي غير آئيني اجلاس جو اسين بائيڪاٽ ڪري آچر جي ڏينهن اجلاس ڪوٺائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واضح ڪيون ٿا ماضي ۾ ايڊمنسٽريٽر رهندڙ ۽ ھاڻ چيف ميونسپل آفيسر جو آرڊر ڪرائي ميونسپل ڪميٽي جي سڻڀي سيٽ تي ويٺل لياقت علي ڪلهوڙو جنهن پنهنجي ايڊمنسٽريٽر واري دور کان وٺي هن وقت تائين ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري ميونسپل ڪميٽي جي يونين ڪائونسل، نادرا آفيس ڊاهي ان جو لکين روپين جو ملبو وڪرو ڪري، يوسي ون جي آفيس ۽ نادرا آفيس، دڪانن، پلاٽن کي حڪمران جماعت جي پٺ ڀرائي سبب لکين روپين ۾ وڪرو ڪري ميونسپل ڪميٽي کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. پڻ ميونسپل ڪميٽي ۾ سکر، پنو عاقل رهائشي ماڻھن کي جڳاڙي بدلين ذريعي مقرر ڪري، ڏوهاري ماڻھو ساڻ کڻي، سرداري نظام قائم ڪري پاڻ کي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻائي ڇڏيو آھي. جڏھن ته ميونسپل ڪميٽي ۾ 20 هن کان وڌيڪ غير قانوني ملازم ڀرتي ڪري کين سمورين اهم ۽ سڻڀين سيٽن تي ويهاريو ويو آھي ته جيئن ڪنهن کي به ڪا ڄاڻ نه پئي ته ميونسپل ڪميٽي ڪئين ڪم ڪري پئي، فنڊن جو ڪيئن استعمال ٿئي پيو. ميونسپل جا دڪان ۽ پلاٽ ڪهڙي حالت ۾ آھن.اهڙين حقيقتن کي لڪائڻ ۽ ڳجهو رکڻ سراسر ناانصافي آھي.هنن ٻڌايو ته اسان آچر جي ڏينهن اجلاس ڪرڻ، ٻين اهڙي ناانصافي، ڪرپشن خلاف قانون جو در کڙڪايو آھي. اسين شھدادپور شھر جي ترقي چاهيون ٿا تنهن ڪري اهڙو ظلم برداشت نه ڪنداسين هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف هاءِ ڪورٽ سنڌ سميت وس وارين اختيارين جو ڌيان ڇڪائيندي گهر ڪئي ته ميونسپل ڪميٽي جي وڪرو ڪيل نادرا آفيس، يوسي ون جي آفيس، ڪي جي اسڪول، اهم پلاٽن دڪانن، فنڊن جي ڪيل ڪرپشن جو تڪڙو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪري ملوث سي ايم او ۽ آفيسرن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button