بريڪنگ نيوزسنڌ

ناميارو ڪالم نگار پروفيسر عطاءُ المنعيم بلو لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ناميارو ڪالم نگار پروفيسر عطاءُ المنعيم بلو لاڏاڻو ڪري ويو، پروفيسر عطاءُ المنعيم بلو ڪيتري عرصي کان ڪينسر جي موذي مرض سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويٺو عطاءُ المنعيم بلو 62 ورهين جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس جنازي نماز حيدرآباد جي او آر ڪالوني ۾ ادا ڪرڻ بعد اباڻي ڳوٺ پنوعاقل ويجهو ڳوٺ ڪوٽ بلا نيو ويو جتي کيس سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي جنازي نماز ۾ ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، جسقم جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نامياري ڪالم نگار ذوالفقار هاليپوٽو، شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائين ۽ هيريٽيجز ڄامشورو جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، ايڪٽنگ رجسٽرار محمد سليمان ڀٽو، يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي چيئرمينن، استادن، آفيسرن، شاگردن، سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين، دوستن ۽ مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائين ۽ هيريٽيجز ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو پروفيسر عطاءُ المنعيم بلو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي، مرحوم جو تڏو اباڻي ڳوٺ ڪوٽ بلا ۾ وڇايو ويو آهي جتي سندس وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button