بريڪنگ نيوزسنڌ

اسڪول جي شاگردن، ماسترياڻين، انتظاميه ۽ والدين مدينه چنا جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

حيدرآباد(ن-خ) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ قائم ماڊرن انگلش هاءِ اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين، ماسترياڻين ۽ انتظاميه اٺين ڪلاس جي شاگردياڻين مدينه چنه جي لڳايل الزامن کي رد ڪندي معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڏينهن اڳ شاگردياڻين مدينه چنه جي طبعيت خراب ٿيڻ بعد سندس وارثن اسڪول جي ماسترياڻين تي ذهني تشدد ۽ دٻاءُ وجهڻ جو الزام هنيو هو، ان سلسلي ۾ نجي اسڪول جي شاگردن شاگردياڻين انس، ، رباب،عذيرا، ڪابيا، فضا، معصوما، عيناب ۽ ام ايمن الزام هيٺ آيل ماسترياڻين ماريه، شبانا، خشبت ۽ شاگردن جي والدين، افتخار ڪنڌر ۽ ٻين روزاني مهراڻ جي خصوصي نمائندي سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول ۾ شاگردن يا شاگردياڻين کي جسماني يا ذهني طور تي تشدد ڪرڻ يا حراسان ڪرڻ وارا الزام سراسر غلط ۽ بي بنياد آهن، شاگردياڻي مدينه چنا جا وارث اسڪول انتظاميه ۽ ماسترياڻين  تي ڪوڙا الزام هڻي اسڪول کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته استادن توڙي انتظاميه جو شاگردن سان انتهائي محبت ۽ پيار وارو رويو هوندو آهي، ڪڏهن به ڪنهن شاگرد يا شاگردياڻي کي حراسان ناهي ڪيو ويو، اسان پرسڪون ماحول ۾ پنهنجي تعليم جاري رکيو پيا اچون، مدينه چنا جي وارثن بي بنياد الزام هڻي اسڪول ۾ بيچيني پيدا ڪئي آهي، اسان اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن اڳتي ڪو به شاگرد يا انهن جا والدين ڪنهن به اسڪول تي اهڙي قسم جا الزام هڻڻ جي جرئت نه ڪري سگهن، اسڪول جي پرنسپل صادق سولنگي ڳالهائيندي چيو ته مدينه چنا منهنجي نياڻي آهي، جڏهن هن جي طبعيت خراب ٿي ته ٻئي ڏينهن ان جا والدين مون وٽ آيا هئا مون کي هر قسم جو سهڪار ڪندي کين خاطري ڪرائي هئي ته نياڻي جي طبعيت بهتر ٿئي ته توهان مون وٽ ٻيهر اچجو مان توهان جا سمورا خدشا ختم ڪندس ۽ جيڪڏهن شاگردياڻي کي به ڪا شڪايت آهي ته اها به ختم ڪري ڇڏيندس پر ٻئي ڏينهن انهن بي بنياد ميڊيا ٽرائل شروع ڪري ڏنو جنهن کانپوءِ پوليس ۽ تعليم کاتي جا عملدار پڻ اسڪول آيا شاگردن ۽ استادن سميت اسٽاف جا بيان قلم بند ڪيا جنهن ۾ سمورن شاگردن ۽ استادن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.بي بنياد الزامن ذريعي اسڪول کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي مان اسڪول جي پرنسپل جي حيثيت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ٿا ڪريان ته معاملي جي ڪنهن به فورم تي جاچ ڪرائي وڃي مان ان کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button