بريڪنگ نيوزسنڌ

اقليتي برادري جي ڏياري جي موقعي تي حفاظتي انتظام سخت ڪيا وڃن:ايس ايس پي سانگهڙ

سنجهورو(ن م) ايس ايس پي سانگهڙ ريٽائرڊ ڪيپٽن صدام حسين خاصخيلي پنهنجي حڪم تحت ضلعي سانگهڙ جي سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي سختي  سان هدايت ڪئي آهي ته اڪليتي برادري  جي طرفان ملهايو وينديڙ خوشي واري ڏهاڙي ڏياري جي موقعي تي ضلعي سانگهڙ جي اندر سمورن شهرن ۾ اڪليتي برادري جي طرفان لڳايل ڦٽاڪن وارن ريڙهن ۽ دڪانن کي ناجائز طور تنگ نه ڪيو وڃي ۽ نه وري انهن کان ڏوڪڙ ورتا وڃن هن سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي اهيا پڻ هدايت ڪئي آهي ته ڏياري جي موقعي تي خاص حفاظتي انتظام سخت ڪري پوليس جي ناڪابندي ۽ پيٽرولنگ کي وڌيڪ تيز ڪري شهر ۾ پوليس جي پيادل گشت ۾ پڻ اضافو ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ ڪوتاهي ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ايس ايس پي سانگهڙ ريٽائرڊ ڪيمٽن صدام حسين خاصخيلي ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي تي پڻ پنهنجا ذاتي فون نمبر رکي عام ماڻهن کي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪوبه پوليس آفيسر توڙي عملو ڦٽاڪن وارن دڪاندارن يا ريڙهي وارن کي تنگ ڪري ته فورن انهن نمبر تي ساڻس رابطو قائم ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي سنجهورو لونگ خان شر سب ڊويزن سنجهورو جي مختلف شهرن جو دورو ڪري اتي ڦٽاڪن وارن دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن ۽ عام ماڻهن کان ملي معلومات ورتي ٻئي طرف ايس ايڇ او علي اڪبر کوکر ٻڌايو ته ايس ايس پي سانگهڙ ريٽائرڊ ڪيمپٽن صدام حسين خاصخيلي جي خاص هدايتن تي عمل ڪندي پوليس پيٽرولنگ ۽ ناڪابندي کي وڌيڪ تيز ڪري سنجهورو شهر اندر پوليس جي پيادل گشت ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي هن چيو ته ڦٽاڪن وارن دڪاندارن ۽ ريڙهين وارن کان ڪابه منٿلي ڪونه ورتي وڃي ٿي ۽ نه وري انهن کي ناجائز تنگ ڪيو وڃي ٿو ٻئي طرف روزانا مهراڻ جي نمائندي حافظ هنڱوري جي طرفان رابطو قائم ڪرڻ تي هتان جي اڪليتي برادري سماجي سياسي ڪارڪنان ۽ شهرين چيو ته سانگهڙ جي نوجوان هردل عزيزباهمت ايس ايس پي ريٽائرڊ ڪيپٽن صدام حسين خاصخيلي جي طرفان انهي قدم جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته سانگهڙ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ايس ايس پي ريٽائرڊ ڪيپٽن صدام حسين خاصخيلي اڪليتي برادري خوشي واري تهوار ڦٽاڪن واري عيد ڏياري جي موقعي تي اڪليتي برادري جي پراڻي مطالبي کي پورو ڪندي کين پوليس طرفان تحفظ ڏياري ڦٽاڪن واري دڪانن ۽ ريڙهي وارن کي بنا ڏوڪڙن جي پنهنجي روزي ڪمائڻ جو سنهري موقعو ڏنو آهي جنهن جي جيتري واکاڻ ڪجي اها گهٽ آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button