بريڪنگ نيوزقومي

وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف پاران سعودي عرب جو دورو

اسلام آباد (پ ر) وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي 6 رڪني وفد سان گڏ پاڪستان نيوي ۽ رائل سعودي نيول فورسز وچ ۾ ماهرن جي سطح تي ڳالهين لاءِ سعودي عرب جو دورو ڪيو. دوري دوران وائيس چيف رائل سعودي نيول فورسز جي ڪمانڊر وائيس ايڊمرل فهد بن عبدالله الغوفيلي سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان نيوي ۽ رائل سعودي نيوي فورسز وچ ۾ تمام گهرا لاڳاپا آهن ۽ ڪيترن ئي آپريشنل ۽ تربيتي معاملن ۾ گڏيل تعاون موجود آهي، جنهن جو هڪ اهم مظهر ٻنهي بحري فوجن پاران گڏيل بحري مشق نسيم البحر جو باقاعده انعقاد آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button