بريڪنگ نيوزقومي

اسان  ملڪ ۾ جمهوريت جا حامي آهيون ، ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين: عمر ايوب

اسلام آباد (بيورو ) سني اتحاد ڪائونسل(پي ٽي آءِ) اڳواڻ چيو ته هي چئي رهيا آهن ته اسان جون ڳالهيون ٿي ويون آهن، لڳي ٿو ته هنن جو رانگ نمبر لڳو آهي، اسان ايندڙ چونڊن ۾ اوهان کي ڏينهن جا تارا ڏيکارينداسين. قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران عمر ايوب چيو ته شهباز شريف پهريان قانون جي بالادستي جون ڳالهيون ڪري، اسان آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکون ٿا، اسان  ملڪ ۾ جمهوريت جا حامي آهيون ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان کي ماضي  مان سبق سکي اڳيان وڌڻو پوندو. انصاف کان سواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي نه ئي  هن ملڪ ۾ 2 قانون هلي سگهن ٿا. چوٿون ڀيرو هن پارليامينٽ ۾ اچي رهيو آهيان، اهو ڦيٿو گهمندو آهي، اسان غزه ۾ فلسطين جي نسل ڪشي جي مذمت ڪريون ٿا، فلسطين جي معاملي تي قرارداد آڻينداسين. هن(ن) ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته هي چون ٿا ته اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي وئي آهي پر لڳي ٿو ته هنن جو رانگ نمبر لڳو آهي، اسان جي ڪپتان ۽ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين جي پاڪستان جي عوام سان ڳالهيون ٿي ويون آهن، اسان کي قومي اسيمبلي ۾ وڏي اڪثريت ملي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کان اسان جو نشان ڦريو ويو پر ان باوجود اسان بيٺل رهياسين هن وقت 65 سيڪڙو نوجوان ملڪ ۾ آهن، مان پاڪستان جي عوام کي داد ڏيان ٿو جنهن اسان کي مشڪل صورتحال ۾ به ووٽ ڏنو آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button