بريڪنگ نيوزسنڌ

جلد سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدن تي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: وڏو وزير

ڪراچي (بيورو ) تمام جلد ٻنھي صوبن سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدن تي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اسمگلنگ ۽ ڊرگ مافيا خلاف پڻ گڏيل قدم کنيا ويندا. اھڙو اتفاق وزيراعليٰ ھائوس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نون چونڊيل وڏن وزيرن سيد مراد علي شاھھ ۽ مير سرفراز احمد بگٽي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيو ويو. ملاقات ۾بلوچستان جي وڏي وزير سان گڏ صوبائي اسيمبلي جا چونڊيل ميمبر، علي مدد جتڪ، ظھور علي بليدي ۽ عبدالله گرگيج شامل ھئا، جڏھن تھ سنڌ جي وڏي وزير  سان سيد ناصر حسين شاھھ، شرجيل انعام ميمڻ، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ضياءُ الحسن لنجار ملاقات ۾ گڏ ھئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سرفراز احمد بگٽي کي بنا مقابلي چونڊجڻ تي واڌيون ڏنيون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ گوادر ۾ فلاحي ڪمن بابت پنھنجي ھم منصب سان ڳالھائيندي چيو تھ پي ڊي ايم اي سنڌ گوادر ۾ ست پاڻي ڪڍڻ واريون مشينون موڪليو آھن ۽ پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ پي ڊي ايم اي بلوچستان رابطي ۾ آھن جيڪڏھن ڪنھن بھ مشينريءَ جي گھرج ھوندي تھ فراھم ڪئي ويندي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو تھ گوادر ۾ پاڻي جي نيڪالي ۽ ٻين بحاليءَ وارا ڪم تيزيءَ سان جاري آھن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٻنھي وڏن وزيرن 9 مارچ تي صدارتي چونڊن بابت ڳالھائيندي دعويٰ ڪئي تھ آصف علي زرداري وڏي اڪثريت سان ٻيھر ملڪ جو صدر چونڊيو ويندو. ٻنھي وڏن وزيرن امن امان جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اتفاق ڪيو تھ تمام جلد ٻنھي جي سرحدن تي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اسمگلنگ ۽ ڊرگ مافيا خلاف پڻ گڏيل قدم کنيا ويندا.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button