بريڪنگ نيوزقومي

شهباز شريف ٻيو ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم چونڊجي ويو، مسئلن جي حل لاءِ اپوزيشن کي گڏجي ويهڻ جي آڇ

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ن  ليگ جي صدر شهباز شريف کي پاڪستان جو نئون وزيراعطم چونڊي ڇڏيو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته ان سان گڏ نعريبازي به ٿيڻ لڳي.، سني اتحاد ڪائونسل ۽ ن ليگ جا ميمبر آمهون سامهون ٿيا، چور چور ۽ جعلي مينڊيٽ نامنظور جا نعرا لڳايا ويا. جي يو آءِ ف  طرفان چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو ويو جنهن سبب انهن طرفان ڪوبه ميمبر ايوان ۾ موجود نه هو. اختر مينگل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي پر ڪنهن کي به ووٽ نه ڏنو. ووٽنگ جي نتيجي ۾ مسلم ليگ ن ۽ اتحادي پارٽي جي گڏيل اميدوار شهباز شريف وزيراعظم چونڊجي ويو کيس 201 ووٽ مليا جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عمر ايوب 90 ووٽ حاصل ڪيا. مسلم ليگ ن ، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، بلوچستان عوامي پارٽي، استحڪام پاڪستان پارٽي، مسلم ليگ ق  شهباز شريف جي حمايت ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عمر ايوب جي بلوچستان نيشنل پارٽي حمايت ڪئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، ن ليگ جو سربراهه نواز شريف، وزارت عضمي جو اميدوار  شهباز شريف ۽ عمر ايوب جو اسيمبلي حال پهتا، اجلاس شروع ٿيڻ تي قومي اسيمبلي اسپيڪر ڄام ڪمال کان حلف ورتو، جنهن کان پوءِ هن وزيراعظم جي چونڊ جو طور طريقو پڙهي ٻڌايو، قومي اسيمبلي  اسپيڪر اياز صادق قائد  ايوان جي نالن جو اعلن ڪندي چيو ته شهباز شريف کي ووٽ ڏيندڙ لابي اي ۾ هليا وڃن، عمر ايوب کي ووٽ ڏيندڙ لابي بي ۾ وڃي، پنج منٽن تائين گهنٽيون وڄائڻ کان پوءِ  قومي اسيمبلي  حال جا دروازا بند ڪيا ويا، جنهن جو  پوءِ ووٽنگ جو عمل شروع  ڪيو ويو، جڏهن ته معيت علماءِ اسلام ف چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪيو،  باڊي ميمبر وزيراعظم جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايوان ۾ نه آيا، ووٽنگ مڪمل ٿيڻ تي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري ووٽن جو رڪارڊ اسپيڪر اياز صادق کي پيش ڪيو، نئين چونڊيل وزيراعظم شهبازشريف قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي اتحادين جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن چتي نعريبازي ڪئي، اسپيڪر اياز صادق قائد ايوان لاءِ ٿيندڙ ووٽنگ جي نتيجن جو اعلان ڪيو ته ايوان ۾ شير شير  جا نعرا لڳندا رهيا،  ن ليگ جي ميمبرن گهڙي چور جا نعرا هنيا ۽ سني اتحاد ڪائونسل طرفان ووٽ چور جا جوابي نعرا بلند ڪيا ويا، ٻئي پاسي نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف جي تقريب دوران ايوان ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۾ اڳواڻن پاران گو نواز گو  جا نعرا لڳايا ويا ۽ سيٽون به وڄائيندا رهيا، مسلم ليگ ن جو عطا تارڙ، حنيف عباسي ۽ ملڪ ابرار سني اتحاد ڪائونسل جي نعرن جو جواب ڏيندا رهيا، ان دوران شهباز شريف پنهنجي تقرير  جاري رکي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڪڏهن به بدلي جي سياست جو سوچيو به نه آهي، اسان جو مشن پاڪستان کي پيرن تي بيهارڻ آهي، پيش ايندڙ چيلنجز کي گڏجي منهن ڏئي سگهون ٿا. وزيراعظم بنجڻ کان پوءِ شهباز شريف قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي قيادت ۽ اسان هميشه صبر جو مظاهرو ڪيو. اسان ڪڏهن به بدلي جي سياسي جو سوچيو به نه آهي. نوازشريف جي حڪومت جو 3 ڀيرا تختو اونڌو ڪيو ويو پر هن پاڪستان جي مفادن خلاف ڳالهيون ڪرڻ جو سوچيو به نه. شهباز شريف چيو ته  محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به چيو ته پاڪستان کهپي، نوازشريف، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به پاڪستان جي مفادن خلاف ڳالهيون نه ڪيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو نمبر آيو ته سموري اپوزيشن کي جيلن ۾ وڌو ويو. عورتن ۽ ٻارن لاءِ انتهائي ڪريل لفظ استعمال ڪيا ويا. پاڪستان جي فوج خلاف زهر اوڳاڇيو ويو، 9 مئي تي رياستي ادارن تي حملا ڪيا ويا، 9 مئي سانحي ۾ ملوث ڏوهاري هر صورت ۾ قانون کي منهن ڏيندا جيڪي ماڻهو ڏوهاري نه آهن انهن کي نقصان نه پهچندو. ميان شهباز شريف جي خطاب دوران سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر احتجاج ڪندا رهيا ۽ چور چور جا نعرا لڳائيندا رهيا. شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، خط لکڻ جو مطلب آهي ته اوهان کي پنهنجي آئيني ادارن ۽ پارليامينٽ تي ڀروسو نه آهي، ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني ڪهڙي هوندي، اچو ويهي  گڏجي مشاورت ڪريون ۽ بهتر چونڊ نظام قائم ڪريون. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته قوم کي وڌيڪ ڪنهن چونڊ نتيجن جي ضرورت نه آهي چونڊن ۾ ڪڏهن به سادي اڪثريت ناهي ملي جنهن  لاءِ اسان هم خيال ماڻهو حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڳيان وڌياسين. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي ختم ٿيڻ گهرجي. مسنگ پرسن جو  مسئلو حل ڪرڻ کان سواءِ  بلوچستان ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، گم ٿي ويل ماڻهن جي معاملي تي مقامي قيادت سان ملي فيصلو ڪنداسين.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button