بريڪنگ نيوزقومي

اميد آهي ته چيئمپينز ٽرافي پاڪستان ۾ ٿيندي: محسن نقوي

لاهور (م ڊ) چيئرمين پي سي بي محسن نقوي چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني لاءِ مڪمل تيار آهيون، اميد آهي ته ايونٽ پاڪستان ۾ ئي ٿيندو. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيئرمين پي سي بي چيو ته هو پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ هر قدم کڻندو، مان سليڪشن ڪميٽي کي بااختيار بڻائڻ چاهيان ٿو، ڪميٽي جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندس، ٽيم جو ڪوچنگ اسٽاف هوندو. هڪ هفتي ۾ فائنل ڪيو ويندو، رانديگرن جو ٽريننگ سيشن 25 مارچ کان ڪاڪول ۾ ٿيندو، هن چيو ته ايندڙ چئن مهينن ۾ 9 هزار ڊوميسٽڪ ميچون ڪرائڻ جو هدف آهي، قومي ڪرڪيٽ ۾ راند جي ترقيءَ لاءِ قدم کنيا وڃن. اڪيڊمي: 4 کان 5 پچون ٺاهيون پيون وڃن، هڪ پچ آسٽريليا ۽ هڪ پچ انگلينڊ مان ڪلي آرڊر ڪري ٺاهي پئي وڃي، چيئرمين پي سي بي اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽيم کي پاڪستان سپر ليگ 9 جو ٽائيٽل کٽڻ تي مبارڪباد ڏني.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button