بريڪنگ نيوزسنڌ

نيوسعيدآباد ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب هڪ نينگر سميت 4 ڄڻا فوت

نيوسعيدآباد(صحبت سھيل راجپوت)نيوسعيدآباد ۾ رمضان شريف جي ڀلاري مهيني جي اٺين روزي تي افسوسناڪ واقعو، برف جي فيڪٽري ۾ گيئس سيلينڊر ڦاٽڻ سبب ٽي پورهيت ۽ هڪ پاڙيسري نينگر سميت چار ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا امونيم گيس جي بدبوءِ سڄي شھر ۾ ڦھلجي وئي، ڪارخاني جو ٺيڪيدار به بيھوش ٿي ويو، جڏهن ته فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آھي،نيوسعيدآباد ۾ امداد سئنيما چوڪ تي بابو عمراڻي جي برف جي ڪارخاني اندر مرامتي ڪم دوران امونيم گئس جو سلينڊر  ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪارخاني اندر ڪم ڪندڙ ٽي پورهيت مستري خان محمد ملاح، مٺو سولنگي،علي بخش ڏاهري ۽ هڪ پاڙيسري معصوم نينگر ماجد سولنگي سڙي سخت زخمي ٿيڻ بعد بيھوش ٿي ويا، بيھوش ٿيل مسترين مان ھڪ مستري خان محمد ملاح کي سخت زخمي حالت ۾ شھرين ھمت ڪري ڪارخاني مان ٻاهر ڪڍي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب حيدرآباد اسپتال نيو پئي ويو ته هو زخمن جي سٽ نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته باقي ٻن پورهيتن ۽ پاڙيسري معصوم نينگر ماجد سولنگي جا پڻ لاش ڪارخاني مان ٻاهر ڪڍيا ويا، واقعي بعد ٽنهين ڄڻن جا لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي تعلقا اسپتال منتقل ڪيا ويا، گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ان مان ڪرندڙ بدبوءِ سڄي شھر ۾ ڦھلجي ويئي برف ڪارخاني جو ٺيڪيدار شبير احمد شيخ پڻ واقعي واري ھنڌ بيھوش ٿي ويو، واقعي بعد نيو سعيدآباد جي شھرين جو وڏو انگ ڪارخاني جي ٻاھران ۽ اسپتال ۾ گڏ ٿي ويو پوليس جي نفري به واقعي واري ھنڌ پھتل ھئي جڏهن ته واقعي جو ٻڌندئي شھر ۾ سوڳ واري لهر ڇائنجي وئي ۽ فوتين جا لاش جڏھن گهرن ۾ پھتا ته اتي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي ۽ نه ئي واقعي جي رپورٽ داخل ٿي سگھي ھئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button