بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو باگو ۾ فوت ٿيل نينگر جي وارثن جو ڊاڪٽرن خلاف احتجاج

ٽنڊوباگو (ت ر) ٽنڊوباگو ويجهو ڳوٺ صاحب ڏنو شاھ جي رھواسي ٽين ڪلاس جي شاگرد معصوم نينگر غلام فريد عرف راجا پٽ محمد حيات چانڊيو نانگ جي ڪکڻ جو تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو جي ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران علاج نه ڪرڻ ۽ ايمبولينس نه ملڻ ڪري فوت ٿي ويل واقعي خلاف نينگر جي وارثن ۽ چانڊيا برادري جي سوين ماڻهن منٺار چانڊيو، حيات چانڊيو، احسان چانڊيو ۽ ٻين پاران ٽنڊوباگو شھر جي مک چوڪ باگو واھ چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، جنهن ڪري روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي بعد باگو واھ چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. معصوم نينگر جي وارثن صحافين کي چيو ته تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو جي ڊيوٽي  ڊاڪٽر راشد عزيز ميمڻ  اسان جي معصوم نينگر جو صحيح علاج نه ڪيو ۽ بدين وڃڻ لاءِ ايمبولينس نه ڏني، جنهن ڪري اسان جو معصوم نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. ھنن چيو ته ڊيوٽي ڊاڪٽر خلاف غفلت جو ڪيس داخل ڪري کيس فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي نه ته سڄي سنڌ ۾ چانڊيا برادري طرفان احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button