بريڪنگ نيوزسنڌ

روھڙي ريلوي پوليس جي ڪارروائي ٻه ڪارٽون شراب هٿ، هڪ جوابدار گرفتار

روھڙي (ن م) روهڙي ريلوي پوليس ڳجهو اطلاع ملڻ تي ڪراچي کان پنجاب ويندڙ عوامي ايڪسپريس ٽرين تي ڇاپو هڻي 48 بوتلون شراب جون هٿ ڪري هڪ منشيات فروش ثاقب عباس کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ريلوي پوليس موجب سکر ايس ايس پي ريلوي ملڪ عتيق جي هدايتن تي ٽرينن ۾ ٿيندڙ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن ٽرينن اندر مسافرن کي نشو ڏئي ڦر لٽ جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا آهن مسافرن جي جان و مال جي حفاظت لاءِ ريلوي پوليس هر وقت پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏئي پنهنجو فرض نڀائي رهي آهي  گرفتار منشيات فروش جو تعلق خيرپور جي علائقي ٽانوري پاڙي سان ٻڌايو پيو وڃي گرفتار منشيات فروش کي اڄ روھڙي جي عدالت ۾ پيش ڪري کيس ريمانڊ ورتو ويندو

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button