بريڪنگ نيوزسنڌ

خيرپور زرعي طور معيشت جي مضبوطي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: ڊاڪٽر نفيسه شاهه

خيرپور (ڊ ر) ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو آهي ته عورتن جي وڏي تعداد زرعي شعبن ۾ مصروف عمل آهن ۽ پنهنجي ڪٽنب جي سار سنڀال سان گڏ غربت گهٽائڻ ۾ اثرائتو ڪرادا ادا ڪري رهيون آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار خيرپور ڪاليج آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جي دوري دوران شاگردياڻين سان ڳالهائيندي ڪيو. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته خيرپور ضلعو زرعي طور معيشت جي مضبوطي لاءِ مختلف شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گذريل برساتن جي ڪري مختلف شعبن ۾ تربيت يافته ۽ هنر مند عورتن ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪا مثبت ڳالهه آهي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته عورتن جي شموليت سان مختلف ٽيڪنالوجيز ۾ تعليم حاصل ڪري بهتر سماجي ترقي ۽ زرعي شعبن ۾ تباهي واري اثرات کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ٿينديون. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته تعليم يافته ۽ سکيل شاگردياڻيون ايگرو فوڊ انڊسٽريز ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر نفيسه شاهه ڪاليج جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو جتي هن شاگردياڻين سان ملاقات ڪئي ۽ تعليمي نصاب بابت معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر سيد علي رضا شاهه ڪاليج مسئلن ۽ بجلي جي بحران سبب تعليم سرگرمين تي اثر بابت تفصيل سان بريف ڪيو. ڊاڪٽر نفيسه شاهه کين يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت سان ڳالهائي سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ ڪاليج کي جلد سولر سسٽم فراهم ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button